ربنواز مهراڻي واري مسجد

ربنواز مهراڻي واري مسجد

ربنواز مهراڻي واري مسجد

ربنواز مهراڻي واري مسجد: هيءَ قديم مسجد ڳوٺ ربنواز مهراڻي، مهاڙيءَ جي ڀٽ، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. مسجد ٽالپر دور حڪومت جو تعميراتي يادگار آهي. هن مسجد ۾ ڪچيون سرون ۽ جيڪا گچ گارو استعمال ڪري ٺاهي وئي آهي. مٿان چوني جو ليپو ڏنو ويو اٿس. ڳوٺاڻن پاران وقت سر مسجد جي مرمت ٿيڻ سميت عمارتي حصا پڻ وڌائي تعمير ڪيا ويا آهن. چوڌاري کليل ميدان اٿس. اڳ ۾ مسجد جي احاطي ۾ گهڻي ايراضي هئي پر هنيئر مقامي ماڻهن اها رهائش هيٺ آڻي ڇڏي آهي. اڱڻ کي ننڍي ديوار ڏنل آهي، جنهن ۾ سيمنٽ جي فرشبندي ڪئي وئي آهي. مهاڙيءَ نئين تعمير ڪري مسجد جو احاطو وڌايو ويو آهي. جديد طرز تعمير جي نموني تي مهاڙي وارو حصو تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ونگائين لنگهه ۾ چوڪاٺي سان ڪاٺ جو دروزاو، ٻنهي پاسن کان نمائشي ڄاريدار دريون ۽ ٻيڙ- ٻني تي سيمنٽ جي ڄارين جو اولو ٻڌو ويو آهي. مهاڙيءَ کي سڀني وصفين خوبصورت ڪرڻ لاءِ بي پناهه رنگ روغن ڪيو ويو آهي. ٻنهي پاسن کان ٿنڀ آهن، جيڪي مينار ٺاهين ٿا. وچ تي پڻ تاج مٿان ننڍا مِنار کڙا ڪيا ويا آهن. مسجد جو اصلوڪو حجرو اڄ به صحيح سلامت بيٺو آهي، جنهن جي مرمت مقامي ڳوٺاڻا ڪرائيندا رهن ٿا. ڇت گاري سان ليپيل آهي. اٺ ڪنڊي ڳچ تي وڏو گول گنبذ رکيو ويو آهي، جنهن تي ابتي ڪوڻي جي گل سان نيل لڳل آهي. مسجد جي پراڻي تعمير ۾ چئني ڪنڊن تي ننڍا ٿنڀڙا ۽ انهن تي نمائشي گنبذ آهن. هيءَ مسجد قديم ۽ جديد طرز تعمير جو سنگم آهي. مسجد اڄ به نماز لاءِ استعمال هيٺ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو